راجيش ڪمار پرسراماڻي

راجيش ڪمار پرسراماڻي

راجيش ڪمار پرسراماڻي

راجيش ڪمار پرسراماڻي: مشھور سارنگي نواز راجيش ڪمار پرسراماڻي 27 جون 1985ع تي بلاسپور (ڇتيسڳڙهه) هندستان ۾ جنم ورتو. هن امراوتي يونيورسٽي مان فارميسي ۾ بيچلر، بلاسپور يونيورسٽي مان هندي ادب ۾ ماسٽر ۽ ڊاڪٽر سي. وي رامن يونيورسٽي مان موسيقيءَ ۾ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو. 2015ع کان اسٽيٽ بئنڪ آف انڊيا ۾ اسسٽنٽ مئنيجر طور ڪم ڪري رهيو آهي. هي اکين کان نابين آهي. سنڌي سارنگي (ساز) وڄائڻ جي سکيا هن استاد پنڪج پنچال کان ورتي. کيس 11 فيبروري 2021ع تي تيز ترين سارنگي وڄائيندڙ جي سند ڏني وئي۽ سندس نالو انٽرنيشنل بڪ آف رڪارڊز ۾ شامل ڪيو ويو. هي سنڌي سارنگي (ساز) کي 400 Beats per minute جي رفتار سان وڄائي سگهي ٿو. سنڌي سارنگي بابت سندس هڪ مقالي سميت بئنڪاري جي حوالي سان ڪيترائي مضمون مختلف اخبارن ۾ ڇپيل آهن. قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. ان کانسواءِ يوٽيوب تي سارنگي تي وڄايل سندس ڪي مشھور ڌنون پڻ موجود آهن. هن جديد تقاضا موجب سنڌي سارنگي (ساز) کي بُجلي سان ڳنڍي برقي سارنگي (ساز) ايجاد ڪئي آهي. 2023ع ۾ سندس هڪ ڪتاب “A Study on Sindhi Folk Music” بريل ۾ (نابينن لاءِ) ڇپيو، جنھن کي پوءِ هنديءَ ۾ به ترجمو ڪيو ويو.


لفظ راجيش ڪمار پرسراماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1985.06.27  عيسوي

مشھور سارنگي نواز راجيش ڪمار پرسراماڻي 27 جون 1985ع تي بلاسپور (ڇتيسڳڙهه) هندستان ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پريمچند ڪيولرام شهاڻي
دليپ ڪوٺارِي
رحيم فقير ڪلهوڙو
عثمان علي جي عيساڻي ڊاڪٽر
خيرالنساءِ جعفري
نرنجن دوداڻي ڊاڪٽر
جاڙڪ خان
بخشو لانگاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
حسين بخش وڳڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون